جاتي(ن پ ا)جاتي کان ڏکڻ طرف سامونڊي تڙ ڪلڪان ڇاڻي ڀرسان عربي سمنڊ ۾ وڏي پئماني تي چاڙھ ٿيڻ سبب سامونڊي ويرون چڙهي آيون آهن، جڏهن ته بچا بند ڪمزور هجڻ ڪري سمنڊ جي لهرن لوڙهي ڇڏيون، سمنڊ ڪناري آباد ڳوٺ ارباب پانڌي ٿهيم،حاجي ڏونگهر جت،محمد ملاح،يوسف ملاح سميت ڪيترائي ڳوٺ سامونڊي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ڳوٺن ۾ سامونڊي ويرون داخل ٿيڻ سبب ساحلي پٽي جي رهاوسين ۾ سخت خوف واري صورتحال پياد ٿي وئي آهي جڏهن موسميات کاتي پاران سمنڊ ۾ چاڙھ ٿيڻ سبب امڪاني نقسانن کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميان توڙي ڊرينيج کاتي جا عملدار اگهور ننڊ ستل آهن. ٻي طرف تڪ جي ايم اين اي اياز شاه شيرازي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موسمايات کاتي پاران ڪيل سمنڊ ۾ چاڙھ جي اڳ ڪٿي واريون خبرون بلڪل ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي جنهن ۾ ڪاب صداقت نه آهي.