ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هن سال آڪٽوبر ۾ تجويز ڪيل پاڪستان جونيئر ليگ لاءِ تياريون تيز ڪندي نديم خان کي ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو. اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر نديم خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس به آهي، پاڪستان جونيئر ليگ لاءِ هن کي اضافي چارج ڏني وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انڊر 19 ڪرڪيٽرن لاءِ پاڪستان جونيئر ليگ هن سال آڪٽوبر ۾ شروع ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.