ڪراچي: ابراهيم حيدري ۾ منشيات جي واهپي ڏانهن تيزي سان وڌندڙ نوجوانن کي صحت مند سرگرمين ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ اهم قدم کنيو ويو آهي. پاڪستان فشر فورڪ فورم طرفان نوجوانن کي اسپورٽس فٽبال ڪلب جي رانديگرن ۾ مفت فٽبال ڪٽس ورهايون ويون. تنظيم جي سربراهه مهراڻ علي شاهه جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ اهو قدم کنيو آهي، جلد فٽبال، ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين جا ٽورنامينٽس ڪرائينداسين