سڊني (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي) بگ بيش ليگ (بي بي ايل) ۾ ٽيم جي قيادت ڪندڙ ڊيوڊ وارنر جي نالي تي غور ڪري رهي آهي. تفصيل موجب سي اي 2018ع ۾ بال ٽيمپرنگ جي الزام ۾ ڊيوڊ وارنر تي پابندي لڳائي هئي. تازي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڊيوڊ وارنر بي بي ايل ۾ ٽيم جي قيادت ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ان جو بيان ان خبر کانپوءِ اڳيان آيو آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي اختيارين ڄاڻايل رانديگر تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اشارو ڏنو هو.