نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئين ديري ۾ غفاريه مسجد سامهون 3 نقاب پوش هٿياربند سعيد ڪوريجو کي يرغمال بڻائي تشدد بعد دڪان ۾ رکيل 2 لک 30 هزار روڪ رقم ۽ 4 موبائل ڦري فرار ٿي ويا. پوليس دڪاندار کان تفصيل وٺي موٽي وئي، دڪاندار سعيد ڪوريجو صحافين کي ٻڌايو ته 3 نقاب پوش ڦورو يرغمال بڻائي 2 لک 30 هزار روڪ ۽ 4 موبائل ڦري تشدد ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. هوڏانهن بدامني خلاف متاثر دڪاندار سميت شهرين ريلوي ڦاٽڪ باب ذوالفقار وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻو – سکر ۽ نئون ديرو – رتوديرو ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مشتاق ڪوريجو، سعيد ڪوريجو، رياض ڪوريجو، فياض ڪوريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس هٿ وٺي چوريون ۽ ڦرون ڪرائي رهي آهي، ڪاروبار ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، گهرن ۾ به محفوظ ناهيون. ايماندار آفيسر مقرر ڪري اهلڪارن کي ضلعي بدر ڪيو وڃي. ڏوهارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي ايس پي نئون ديرو مظاهرين وٽ پهچي ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ سامان 24 ڪلاڪن ۾ واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.