ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي سيڪنڊ سول جج اعجاز علي جروار جي عدالت ۾ جھيڙي ۽ حملو ڪري زخمي ڪرڻ وارو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي 2 سال قيد ۽ ھر ھڪ جوابدار تي 5-5 ھزار رپيا ڏنڊ، جڏھن تہ 3 جوابدار وڌيڪ 10 ھزار زخمين کي بہ ادا ڪندا، ان ڏس ۾  عدالت ۾ فريادڻ مسمات ڪلثوم لاشاري ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدارن غلام شبير ، غلام سرور، ياسين ،عامر ، ۽ حاجن لاشاري خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.