نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري جي پيرڳوٺ محلي ۾ ڪامران شيخ جي قتل ۽ پوسٽ آفيس پاڙي ۾ ڊاڪٽر سليم الله شيخ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جو پ پ ليڊيدزونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي سختي سان هدايتون ڏيندي چيو ته ٻنهي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان مقتول ڪامران شيخ جي تڏي تي پهچي وارثن سان عذرخواهي ڪرڻ بعد کين جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوسٽ آفيس پاڙي ۾ پهچي ڊاڪٽر سليم الله شيخ کان تفصيل معلوم ڪيا.