گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ مبينا طور ساڙي قتل ڪيل عورت مسمات مومل خاتون شيخ جو ڪيس  داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج، ڪيس داخل نه ٿيڻ سبب احتجاج طور لاش نه دفنايو ويو. ان موقعي تي محمد ايوب شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مسمات مومل شيخ کي پنهنجي ئي مڙس تشدد بعد ساڙي قتل ڪيو آهي. گذريل ڏينهن کان پوليس جوابدار ديدار شيخ کي گرفتار ڪيو آهي پر هن وقت تائين قتل جو ڪيس داخل ناهي ڪيو، جنهن ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرايو هو، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. واضح هجي ته مومل شيخ جو لاش سومر شام گهر مان هٿ ڪيو ويو هو.