ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم _ٽنڊومحمدخان روڊ تي  قبول پور اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل ۽ڪمند جي ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾   موٽر سائيڪل سوار 35 ورهين جو پرائمري استاد عبدالعليم سومرو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڻس گڏ ٻيو استاد عبدالعليم جٽ سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال متنقل ڪيو  ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.