نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف مختلف برادرين چونڊيل نمائيندن خلاف احتجاج ڪيو. جسڪاڻي برادري مڱڻھار برادري ڪولهي برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن احتجاج ڪري چار ڪلاڪ حيدرآباد_ ڊگھري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان دوران مظاهرين ۽ مسافرن وچ ۾ وقفي وقفي سان جهڙپون پڻ ٿينديون رهيون. ان موقعي تي ٽنڊو غلام علي پوليس پهچي مظاهرو ڪندڙ مردن عورتن توڙي معصوم ٻارڙن تي لٺ بازي شروع ڪري ڇڏي ان هوندي به متاثر پنهنجي جاء تي قائم رهيا ۽ ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا جڏھن ته مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات ۾ اسان جا اجها ڪري پٽ ٿي ويا آھن ۽ اسان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺا آھيون اسان جا ٻچا رات جو بک وگهي ڪيهون ڪندا رهن ٿا ۽ اسان کان برداش نٿو ٿئي اسان ٻچن کي بکيو ڏسي روز پيا مرون ڀلين پوليس لٺون هڻي گوليون هڻي روز مرڻ کان بهتر آھي ته ڀوتارن جي ونگارو پوليس هٿان هڪ ڀيرو مري وڃو ته جان ڇٽي پئي ھنن چيو ته بنا جواز پوليس اسان جي عورتن کي لٺيون ھنيون آھن اسان پرامن احتجاج ڪيو ھو پوليس ونگارو بڻجي اسان تي تشدد ڪيو آھي ٻئي طرف ايس ايڇ او محمد قاسم پنھنور ٻڌايو ته ڪولھي قوم جا ماڻھون لاش کڻي اچي رھيا ھئا اسان مظاھرين کي چيو ته لاش کي وڃڻ ڏيو پر اتي موجود شر پسند ماڻھن مظاھرين کي ورگلايو جنھن تان جھڙپون ٿيو آھن ٻئي طرف ايس ايڇ او محمد قاسم پنھنور ,عبدالحق نظاماڻي ,۽ خان محمد گشڪوري مظاھرين کي يقين ڏياريون ته اوھان سان انصاف ڪيو ويندو ۽ اڄ فيصلو رکيو ويو آھي جنھن بعد مظاھرين روڊ تان ڌرڻو ختم ڪيو.ٻئي پاسي ٻڍوقمبراڻي يونين ڪائونسل جي ديھ کٻڙلو جي تقريبن پنجويھ کان ٽيھ ڳوٺن ۾ ڇھ کان ست فوٽ پاڻي بيٺل  آهي. پاڻي نيڪال نه ٿيئڻ خلاف ٻه لکي موري تي احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺ صديق جوڻيجو عبدالرحيم جوڻيجو نبي بخش آرائين عثمان جوڻيجو لکاڏنو چيليو ڪمال الدين آرائين پونجو ڪولهي ڏيوجي ڪولهي ۽ ٻين جو پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرن جي واهر نه ٿي سگهيو گهرن ۾ ڇھ کان ست فوٽ پاڻي بيٺل آهي. اڳواڻن اعجاز جوڻيجو عابد آرائين يوسف چيليو ۽ ٻين چيو ته مٿي بااثر شخص پاڻي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي جڏهن ته سم نالي جي کاٽي ۽ اڳيان نيڪال نه هئڻ ڪري اسان جي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو آهي پر افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته اڄ تائين اسان وٽ ڪوبه لنگهي ناهي آيو اسان روڊ جي ڪناري تي پنهنجا معصوم ٻار وٺيو ويٺا آهيون اسان وٽ کائڻ لاء به ڪجھ ناهي پيئڻ لاء پاڻي به ناهي ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ڪري ۽ سم نالي جي کاٽي ڪرائي وڃي.