ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ابراھيم حيدري انڊسٽريل ايريا ۾ پولٽري فارم جي ايراضي تي قبضا مافيا پاران ھائوسنگ اسڪيم ٺاھڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ بورڊ آف ريونيو کان جواب طلب ڪري ورتو آھي، درخواست گذار عثمان غني موقف اختيار ڪيو ته لينڊ مافيا زمين تي قبضو ڪري ماڻھن کي رھائش اختيار ڪرائي آھي، جنھن تي عدالت چيو ته سمنڊ اندر آباديون ٺاھيون پيون وڃن، توهان سمنڊ  اندر 20 ڪلوميٽرن تائين آبادين کي کڻي ويا آھيو، عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان پڇيو ته توھان کي 50 هزار رپيا في ايڪڙ انڊسٽريل لينڊ ( (صنعتي زمين)  ڪيئن ملي وئي؟ حڪومتي کاتا ته ستل آھن، عدالت چيو ته حڪومت جو جواب اچڻ ڏيو، اسان  مناسب فيصلو جاري ڪنداسين