ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي جي شاهي بازار ۾ 25 ورهين جي اصغر علي پٽ انور علي راجپوت جي قتل ڪيس ۾ نوشھروفيروز جي دھشتگردي جي انت واري عدالت جوابدار علي شير ڀٽي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جنھن بعد جوابدار کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو. ياد رھي ته جوابدار 5 مهينا اڳ علي شير ڀٽي وچ بازار ۾ ڏينھن ڏٺي اصغر راجپوت کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو.