اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ڪمون شهيد لڳ ڳوٺ ملوڪ بوهڙ مان ٻه ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل ڀائرن رجب علي ۽ عبدالجبار بوھڙ جو پتو نه پئي سگهيو، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اوٻاوڙو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي. اغوا ڄاڻايل رجب ۽ عبدالجبار بوهڙ جي ڀاءُ عبدالغفار بوهڙ ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجا ڀائر پير عزيز ڪرماني لڳ پمپ وٽ دڪان تي ڪم ڪندا هئا، جتان سندن موٽرسائيڪل ون ٽو فائيو چوري ٿي هئي، جنهن بعد کين نامعلوم شخص جي فون ڪال آئي ته اچو نور شاھ وٽان پنهنجي چوري ٿيل موٽرسائيڪل ڪاهي وڃو، ڄاڻايل هنڌ تي پهچڻ بعد اهي واپس ناھن موٽيا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.