خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا )خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ قومي چارو سامهون ٻوڏ جي پاڻي ۾ نا معلوم شخص جو لاش هٿ آيو، لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پاڻي ۾ پيل هو، لاش ڪڍڻ لاءِ ڪابه ريسڪيو ٽيم نه پهتي ، ڳوٺاڻن خيرپورناٿن شاھ پوليس کي اطلاع ڏنو پر خيرپورناٿن شاھ پوليس ۽ ٻورڙي ٿاڻي جي پوليس حد جي تڪرار سبب لاش کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي لاش ڪالهه دير  تائين پاڻي ۾ ترندو رهيو.