اسلام آباد(بيورو رپورٽ + م ڊ) نئين آرمي چيف جي مقرري جو عمل شروع ٿي ويو، وزيراعظم جو بچاءَ واري وزارت کي خط، بچاءَ وزارت خط جي ايچ ڪيو کي اماڻي ڇڏيو، نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري لاءِ سينئر آفيسرن جي نالن جي سمري طلب، بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ مقرري جو عمل مڪمل ٿي ويندو، 26 نومبر تائين نوٽيفڪيشن اچي ويندو. تفصيل موجب پاڪ فوج ۾ نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم جي صدارت ۾ پهريون باضابطه مشاورتي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف ،قانون جي وفاقي وزير سردار اياز صادق، گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، وزير اعظم جو خصوصي معاون عرفان قادر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن موجب  آرمي چيف جي عهدي تي مقرري لاءِ پاڪ فوج جي سينئر ترين جنرلن جي نالن تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب وزيراعظم بچاءَ واري وزارت کي خط اماڻيو، بچاءَ وزارت خط جي ايچ ڪيو کي اماڻي ڇڏيو، خط ۾ نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري لاءِ سينئر آفيسرن جي نالن جي سمري طلب ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب سينئر آفيسرن جا نالا 24 ڪلاڪن ۾ دفاع وزارت کي ملڻ جو امڪان آهي، سينئر آفيسرن جا نالا جي ايچ ڪيو پاران دفاع وزارت کي اماڻيا ويندا. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي ڪو به ڊيڊ لاڪ نه آهي، اتحادين سان هر سطح تي ۽  هر قدم تي مشاورت ٿي رهي آهي، آرمي چيف جي مقرري لاءِ اڃا سمري وزير اعظم هائوس کي نه ملي آھي،  جڏهن سمري ايندي ته نالن تي بحث ٿيندو، هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت کي به مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، 5 کان 6 سينيئر ترين جنرلن جا نالا ايندا ته انهن مان ڪو نالو فائنل ٿي ويندو، هن چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ موجوده حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، مشاورت شروع ٿي چڪي آهي، آرمي چيف جي مقرري بابت اسان تي ڪو دٻاءُ ناهي، ميڊيا کي ٿوري جلدي آهي، خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو عمل 25 نومبر تائين مڪمل ٿي ويندو، 26 نومبر تي نوٽيفڪيشن اچي ويندو، خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري بابت وزيراعظم جو ليٽر بچاءَ واري وزارت کي ملي ويو، جي ايڇ ڪيو کي ليٽر کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اُميد ته آرمي چيف جي مقرري جو مرحلو ٻن ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اُن کانپوءِ عمران خان سان به ٻه هٿ ڪنداسين، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته اداري جو ماضي ۾ ڪردار آئين کان مٿانهون رهيو آهي، اڄ اُهو ادارو آئين تحت ڪردار ادا ڪرڻ گهري ٿو، پر عمران خان ادارن کي غيرآئيني قدمن تي ورغلائي رهيو آهي، عمران خان اقتدار کسجڻ جي ڏک ۾ چريو ٿي ويو آهي، هو اقتدار جي واپسي لاءِ سمورا غيرآئيني ٽڪساٽ استعمال ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ اسان سوڌو ٻين توشه خانا مان تحفا ورتا هئا، پر عمران خان واحد ماڻهو آهي، جنهن پرڏيهي تحفن کي به ڪاروبار بڻائي ڇڏيو، هُن ڀارت طرفان ڏنل گولڊ ميڊل به وڪڻي ڇڏيو آهي، عمران خان ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪيس ڪري، سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو. خواجه آصف چيو ته عمران خان وانگر مفادن جو ڪو پيج ناهي، هتي رڳو آئين ۽ قانون جو پيج آهي، ان پيج تي عدليه سوڌو تمام ادارن کي هڪ ٿيڻو پوندو، اسان وانگر عدليه جي تاريخ به ڪا قابل فخر ناهي، عدليه جي تاريخ ۾ به وڏا وڏا اهڙا لمحا آيا جن کي ياد نه ڪيو وڃي ته بهتر آهي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ 4 ڀيرا پاڪستان ۾ اقتدار سنڀاليوآهي، 36 کان 37 سالن تائين انهن سڌي حڪمراني ڪئي آهي، جن ۾ 11 سال ايوب خان، 3 سال يحيٰ خان، 10-11 سال جنرل ضياءَ ۽ 8-9 سال جنرل پرويز مشرف حڪمراني ڪئي، ان کانسواءِ به ان ڊائريڪٽ مينيجمينٽ ذريعي اسٽيبلشمينٽ حڪمراني ڪندي رهي آهي. هن چيو ته گذريل 75 سالن ۾ دعوت گناهه ڏيڻ ۾ سياستدانن جو به ڪردار آهي، 75 سالن کان پوءِ هڪ ادارو چئي رهيو آهي ته اسان نيوٽرل آهيون ۽ پنهنجي سياسي، ايڪسٽرا آئيني ڪردار کي ترڪ ڪري پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، فوج آئيني ڪردار ۾ رهڻ جو باضابطه اعلان ڪيو آهي، ان نيوٽرلٽي کي عمران خان طعنو بڻائي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 26 نومبر تائين ٿي ويندو، عمران لانگ مارچ لاءِ 26 نومبر جي تاريخ ڇو ڏني؟ اميد آهي ته جلد پريشاني واري ڪيفيت ختم ٿي ويندي، هن چيو ته شايد عمران خان جو خيال هو ته صدر علوي وزيراعظم جي سفارش تي منظوري نه ڏيندو، هن چيو ته عمران پرڏيهي سازش جي الزام کان آمريڪا کي به بري ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ چوي ٿو اسٽيبلشمينٽ سازش نه ڪئي پر اها سازش روڪي ته سگهي پئي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ سمورو مرحلو مڪمل ٿي ويندو، هي پريشاني به ختم ٿي ويندي، ان کانپوءِ عمران خان سان به 2 هٿ ڪري وٺنداسين.