اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي گهر ڀاتين جي ٽيڪس معلومات غيرقانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته اها واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي آهي، هن روينيو بابت وزيراعظم جي صلاحڪار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي اهو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ پنهنجي ذميواري نڀائيندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.