ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري لاءِ اهل جنرلز جا نالا وزيراعظم وٽ ايندا آهن، ڪنهن اهل آفيسر جو نالو سمري ۾ شامل نه هوندو ته معاملو عدالت ۾ چيلنج ٿيندو آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعظم پاڻ ڪنهن به آفيسر جي مقرري ڪري سگهي ٿو يا وري نون نالن جي سمري به گهرائي سگهي ٿو. شاهد خاقان چيو ته بي يقيني جي عادت ٿي وئي آهي، نئين آرمي چيف جي مقرري معمول جو عمل آهي، وزيراعظم وٽ سمري ايندي آهي، اهو مقرري ڪري ڇڏيندو آهي، مقرري آخري ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ٿيندي آهي، اها روايت آهي ته آرمي چيف آخري ڏينهن تائين ڪم ڪندو آهي، آرمي چيف کي الوداعي دورا ڪرڻا هوندا آهن. هن چيو ته آئين موجب سمري اچڻي آهي، سمري ۾ سمورن اهل جنرلز جا نالا هوندا آهن، جيڪڏهن سمري ۾ اهل آفيسر  جو نالو شامل ناهي هوندو ته مسئلو ٿي سگهي ٿو، اهل آفيسر جو نالو شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ کي عدالت ۾ چيلينج ڪري سگهجي ٿو.