راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ-بحريا ۽ پاڪ فضائيا هيڊ ڪوارٽرز جو الوداعي دورو ڪيو. آرمي چيف کي نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ پاڪ بحريا جي جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آرمي چيف جي پاڪ فضائيا جي سربراهه ائيرچيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان به ملاقات ٿي. آرمي چيف هوائي سرحدن جو دفاع ڪندڙ پي اي ايف جي پيشوراڻا مهارتن کي ساراهيو.