نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ لڳ زرعي زمين تي نامعلوم ھٿيار بندن وڏيري خيرمحمد لاکير جي ٽيوب ويل تي چڙھائي ڪري ڪمدار محمد عثمان ۽ شمن علي ٽاٽڙي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري 85000 جي ماليت جو انويٽر کڻي ويا. ساڳي رات نامعلوم چور وڏيري امجد ڪلھوڙو جي ٽيوب ويل تان 95000 رپين جو سولر انويٽر کڻي ويا . جڏهن ته دين پور روڊ تي نامعلوم ھٿيار بندن نئون ڳوٺ واسي نصيرالدين لاکير کان موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان جي مزاحمت رڙين تي ھٿيار بندن کيس کي ھٿيارن جا بٽ ھڻي سخت زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا، رستي سان گذرندڙن نوجوان کي بيھوشي جي حالت ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جن نوجوان کي ٿاڻي تي آندو ۽ وارثن کي گھرايو . پوليس موجب ٽيوب ويلن تان انويٽرن جا چور ساڳيا آھن. ٻئي پاسي نئون ڳوٺ لڳ پيروز شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلڻ لاکير ٻاھران روڊ تي نامعلوم ھٿيار بندن دمساز لاکير کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا ، ساڳي رات پيروز شاھ ٿاڻي جي حد شاھپنجو پيروزشاھ روڊ تي نامعلوم ھٿيار بندن پيروز شاھ جي رھواسي عبد الله چنو کان ھٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل موبائيل فون پيئسا ڦر ڪري ويا