ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن لاءِ ٻن ڏينهن جو ٽريننگ پروگرام ڪالهه شروع ٿي ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام اله ڌاريجو ، چيئرمين محمد اقبال ميمڻ، ڊائريڪٽر فضل شهزاد عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا، 15 آفيسرن کي سکيا ڏني ويندي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته آفيسر عدالتي نقطه نظر جي حساب سان پنهنجون صلاحيتون بهتر بڻائين، جنهن سان وائٽ ڪالر ڪرائم جي جي خاتمي ۾ مدد ملندي. آفيسرن کي عدالتي قانونن جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي.