تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي شهر جي مين بازار ويجهو تنگواڻي شاخ کي 10 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب علائقي ۾ ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، علائقي واسي گهاري بابت آبپاشي کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد عملدارن گهاري واري هنڌ پهچي گهاري کي بند ڪري ورتو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شاخ جا ڪپر ڪمزور هجڻ بابت آبپاشي عملدارن کي شڪايتون ڪيو هيون پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو جنهن ڪري گهارو پيو، هنن مطالبو ڪيو ته تنگواڻي شاخ جا ڪپر مضبوط ڪيا وڃن.