لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار توڙي سرندي وارن ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندڙ ٺل واسي صحافي مير ڀٽي جي سار نه لڌي، جنهن سبب سندس حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ڪالهه صحافي مير ڀٽي کي سندس وارث علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي لينار اسپتال کڻي آيا، جتي سندس ٽيسٽون ڪرائڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو ويو، هوڏانهن صحافي اڳواڻن نادر ابڙو، اعجاز چانڊيو، منور رند، ساجد پير زادو ۽ ٻين اسپتال پهچي صحافي جي عيادت ڪندي کيس هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنن چيو ته افسوس جو سنڌ حڪومت صحافين جي فلاح بهبود لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪري ٿي پر بيمار صحافي مفسلي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڪينسر ۾ مبتلا صحافي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ سان گڏج سندس مالي سهائتا پڻ ڪئي وڃي.