ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري ٻار سميت تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهتي. سندس مڙس گرفتار، خبر موجب ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل باهو کوسو جي رهواسڻ ناري نازيا ڪنول تحفظ لاءِ ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتي، ناري معصوم ٻارڙي سميت پوليس وٽ آڏو دانهيو ته کيس جوابدار شهزاد ملڪ ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ڪري شادي ڪئي ۽ مسلسل تشدد ڪندو رهي ٿو، هن ٻڌايو ته هوءَ وجهه وٺي قيد مان فرار ٿي ٿاڻي تي پهتي آهي. هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪندي ناري کي مبينا اغوا ڪندڙ شهزاد ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي اڄ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.