نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب  ڪورائي لنڪ روڊ تي  هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾  گرفتار ڪيو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي ياسين ڀٽو طور ڪئي وئي،پوليس موجب گرفتار هٿياربند مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. هوڏانهن ذريعن موجب ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڄاڻايل ياسين ڀٽو کي پوليس اڳ ئي گرفتار ڪري گم ڪيو هو، جنهن کي بعد ۾ زخمي ڪيو ويو.