ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مڙس هٿان زال قتل: خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش، پوليس کيس ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو ، فريئر ٿاڻي جي حد ۾ دهلي ڪالوني ۾ هڪ گھر مان عورت جو لاش هٿ آيو، عورت جي مڙس ابتدائي بيان ۾ چيو ته منهنجي زال خودڪشي ڪئي. پوليس موجب جاچ دوران پتو پيو ته جوابدار سورج پنهنجن ساٿين نريش ۽ بسمک سان گڏجي پنهنجي زال کي قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي