ملير(رپورٽر) ملير ۾ اسٽيل ملز چورنگي لڳ حادثو، پاڪ سوزوڪي ڪمپني جا 2 ملازم فوت، 11 زخمي، رپورٽن موجب پاڪ سوزوڪي ڪمپني جون ٻه وينون ملازمن کي ڪمپني کڻي وڃي رهيون هيون ته اسٽيل مل چورنگي تي تيز رفتار آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿي انهن مٿان ڪِري پيو، جنهن سبب پاڪ سوزوڪي ڪمپني جا 2 ملازم محمد سعيد ۽ وقاص  فوت ۽ 11 ڄڻا شرجيل، حمزه، مشتاق، عبدالستار، محمد متين، عبدالحنان، فهيم، شهباز، جنيد، زوهيب، اويس ۽ راحت زخمي ٿي پيا، فوتين جالاش ۽ زخمين کي ايمبولنس ذريعي اسپتال نيو ويو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته صبح جو پاڪ سوزوڪي ڪمپني جون وينون ملازمن کي ڊيوٽي تي کڻي وڃي رهيون هيون ته اسٽيل مل چورنگي لڳ آئل ٽينڪر اوور ٽيڪ ڪندي ڪلٽي ٿي وينن مٿان ڪِري پيو،