جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ برسات ۾ متاثر معذورن جو ويل چيئر تي چڙهي احتجاج، ان ڏس ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف معذور نوجوانن جلوس ڪڍي  محمد ابراهيم منگي، جميل احمد ڀيو، آصف سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، مظاهرين  چيو ته برساتن سبب اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، کليل آسمان هيٺ ويهي زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون، ضلعي انتظاميا اسان جي واهر نه ڪئي آهي، ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.