لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته هو هاڻي کيڏڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ فٽنس مسئلن جي حل لاءِ سموريون ضرورتون مڪمل ڪري ورتيون آهن. هڪ انٽرويو ۾ فاسٽ بالر شاهين چيو ته هاڻي مان ائين محسوس ڪري رهيون آهيان جيئن گال ٽيسٽ کان اڳ هئس. هن چيو ته مان پهريان جيان بالنگ ڪرائي رهيو آهيان ۽ سمجهان ٿوته فٽنس جي بحالي وارو مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته شاهين شاهه آفريدي سريلنڪا خلاف گذريل سال گال ٽيسٽ ۾ انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن بعد هُن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪئي هئي پر ايونٽ دوران به سندس فٽنس تي سوال اُٿڻ لڳا هئا ۽ ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ انگلينڊ خلاف هو هڪ ڀيرو وري زخمي ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.