سٺ ميل (ن پ ا) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سٺ ميل ۾ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ مختلف راندين جا دلچسپ مقابلا منعقد ڪيا ويا راندين ۾ ڪرڪيٽ، والي بال، رسا ڪشي ۽ بيڊمنٽن جا مقابلا ٿيا. مرحليوار کيڏيل راندين ۾ سڀ کان پھرين ڇھن ڪرڪيٽ جي ٽيمن جي وچ ۾ ٽورنامنٽ منعقد ڪئي وئي. ان کان پوءِ يارھين ۽ ٻارھين درجي جي الڳ الڳ ٽيمن رسا ڪشيءَ جا مقابلا پڻ ڪيا ڇھن شاگردن وچ ۾ بيڊمنٽن جو مقابلو ٿيو ۽ اسپرنٽ ريس پڻ ڪئي وئي راندين جا مقابلا پرنسيپال پروفيسر احسان علي رند، طارق علي چنڙ مقصود لنڊ ڪوآپريٽو ٽيچر جي نگرانيءَ ۾ ٿيا.