قطر (اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا دعويٰ ڪئي آهي ته 1.5 بلين (ڏڍ ارب) ماڻهن گذريل سال قطر ۾ کيڏيل 2022 ورلڊ ڪپ فائنل ڏٺو. فيفا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 18 ڊسمبر تي قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ ارجنٽائن ۽ فرانس وچ ۾ فائنل کي 88 هزار 966 ماڻهن ڏٺو، جڏهن ته سڄي دنيا مان 1.5 (ڏيڍ ارب) ماڻهن لائيو اسٽريمنگ ۽ ٽي وي ذريعي ميچ ڏٺو.