ٺٽو (رپورٽر) مڪلي جي ھاشم آباد ڪالوني واسي ھارون سومرو جي گھر ۾ 2 نامعلوم عورتون (پڙھائي) ڪرڻ بھاني داخل ٿي ھٿ جي صفائي سان گھر مان ساڍا 5 لک رپين جو سون، 8 ھزار رپيا روڪ رقم ٻهاري ويون. جڏهن ته گھر مالڪ هارون سومرو پاران پڻ مڪلي ٿاڻي تي نامعلوم عورتن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي پر هن مهل تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آندي وئي .