ٽنڊو آدم/شھدادپور (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي اڳواڻ پروفيسر محمد ابراهيم چيو آهي ته موجوده حڪومت پاڪستان جي عوام کي بک، بدحالي، غربت ۽ مهانگائي کان سواءِ ڪجھه به ناهي ڏنو، افغان طالبان رت وهائڻ بنا ئي ڪابل کي فتح ڪري ورتو، شهدادپور ۾ جماعت اسلامي جي يوم تاسيس جي موقعي تي اجتماع کي خطاب ڪندي هن چيو ته خوشحالي صرف اسلامي قانون ۾ آھي، پاڪستاني عوام سڀني پارٽين کي بار بار آزمائيندو رهيو آهي پر انهن عوام جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته عوام جي جسم ۽ روح مٿان گذريل 74 سالن کان لڳندڙ زخمن ۽ محرومين جو حل ۽ روشن مستقبل جي ضمانت رڳو جماعت اسلامي آهي. ان موقعي تي محمد حسين محنتي، رفيق منصوري، آصف محمود قريشي، ارشد خاصخيلي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.