ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي تي قائم بوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ رهندڙ غلام شاھ سم نالي جاتي جي رھواسي شيخ برادري جي ٻوڏ متاثر مردن پنھنجي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي تي شادي شده نياڻي نجمہ شيخ جي مبينا اغوا خلاف مظهارو ڪيو. عورت جي پيءُ لکاڏنو شيخ، مسمات شير بانو، زينت، احمد شيخ ۽ بين چيو احتجاج ڪندي چيو آهي تہ ھڪ مھينو اڳ 22 سيپٽمبر تي رات جو چوھڙ جمالي جي رھواسي بوڏ متاثر ھارون ملاح، الھبچايو ملاح ۽ بين سندن شادي شدہ نياڻي نجمہ زال نظير شيخ کي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن، جنھن جي مڪلي ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي ويئي آھي ۽ جوابدارن کي 17 آڪٽوبر تي مڪلي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي لاڪپ ڪرايو ويو، پر مڪلي پوليس گرفتار ڪرايل جوابدارن کي رات جو ئي ڇڏي ڏنو آھي. جيڪا ساڻن وڏي زيادتي آھي، ھنن چيو تہ سندن اغوا ٿي ويل نياڻي جي کين ڪابہ خبر ناھي تہ ھو زنده بہ آھي يا نہ. ھنن ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ سندن اغوا ٿي ويل نياني نجمہ شيخ کي بازياب ڪرائي سندن حوالي ڪرڻ سميت اغوا ڪندڙن کي سخت سزائون ڏيئي کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي.