ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ٽنڊو محمد خان شهر جي وڏي آبادي واري محلي سومرا پاڙي جي قديمي گورنمينٽ بوائز ڪئمپس هاءِ اسڪول جو ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن پاران گذريل 15 سالن کان وٺي اسڪول جو مرمتي ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ خلاف اسڪول جي سوين شاگردن ، والدين ۽ عملي پاران اسڪول کان انساني زنجير ٺاهي وڏي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ھيڊ ماستر سيد فخر امين شاھ ، سول سوسائٽي جي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، استاد ذوالفقار ڪيھر ، پ ٽ الف اڳواڻ شاهنواز مهر ، عارف قريشي ، عبدالحفيظ سٺيو ۽ ٻين چيو ته گورنمينٽ بوائز ڪئمپس اسڪول جو تعميراتي ڪم 2007 کان شروع ٿيو پر تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب اسڪول جو ڪم اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگھيو آھي ڪافي دفعا تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن کي لکت ۾ درخواستون ڏيڻ باوجود اسانجي اسڪول جي بلڊنگ جي ڇتن  جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو آھي، اسڪول ۾ 12 سو کان مٿي ٻارڙن جي داخلا ٿيل آھي ۽ اسڪول ٻن شفٽن ۾ صبح شام هلي رهيو آهي  پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسڪول ۾ ٻارڙن جي پڙھڻ لاءِ ڪلاس رومن جي کوٽ ۽ ڇتن جو ڪم مڪمل ني ھئڻ ڪري ٻارڙا سخت تڪليف کي منھن ڏئي رھيا آھن  اسان استادن پاڻ ڪوشش ڪري نامڪمل ڪلاس رومن کي  ڇتن جي جاء تي عارضي ڇاپرا ھڻي ٻارڙن کي تعليم ڏئي رھيا آھيون ، هنن  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، وزير تعليم سيد سردار علي شاھ، سيڪريٽري تعليم سنڌ اڪبرلغاري کان مطالبو ڪيو ته گورنمنٽ بوائز ڪئمپس ھاءِ اسڪول سومرا پاڙي جو اڌ ۾ رهيل مرمتي ڪم فوري طور ڪرائي شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازيو وڃي.