نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ پنجمورو وٽ ڳوٺ جمال چانگ ۽ ٻين ڳوٺن جي سوين رھواسين ڪيسر چانگ اياز چانگ وحيد چانگ جي اڳواڻي ۾ ٻاڙن ۽ عورتن سميت قومي شاھراھ تي ڌرڻو هنيو. هنن بااثر وڏيري پاران سم نالو کوٽرائي پاڻي نيڪال ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي  ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ سوين مسافر گاڏيون بيھي ويون. مسافر پريشان ٿي ويا مظاھرين جو چوڻ ھو ته بااثر وڏيرو پنھنجي زمين جو پاڻي ڪڍرائڻ لاء غيرقانوني سم نالو کوٽي اسان جا ڳوٺ ٻورائڻ چاھي ٿو اسان اڳ ئي برساتن سبب گھر ڪرڻ ڪري روڊن تي ويٺل آھيون چار  ڪلاڪ جي مسلسل احتجاج  بعد ڊي ايس پي عطا محمد ڏاھري پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري سم نالو بند ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو