ڪراچي: مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب گهري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اختيارن جي منتقلي جو عمل جاري آهي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جواب ڇو نه جمع ڪرايو آهي؟  ان موقعي تي جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته مڪاني ادارن کي اختيارن  جي منتقلي صوبائي حڪومت جو مامرو آهي، وفاقي حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته صوبائي حڪومت پهرين به ساڳيو ئي جواب جمع ڪرايو  هو، سليڪٽ ڪاميٽي ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي،  عدالت مڪاني کاتي جي اختيارن جي حوالي سان سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي 24 جنوري تائين جواب گهري ورتو.