ڪراچي:  ڪراچي جي ڪمشنر 7 ئي ڊپٽي ڪمشنرن کي مڪاني چونڊن ۾ ضابطا اخلاق تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان حوالي سان ڪمشنر اقبال ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنرن بريفنگ ڏيندي چيو ته شهر ۾4990 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون پيون وڃن.ڪمشنر پاران هدايت ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو رکيو وڃي، اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق تي عمل ڪرائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ ورتا وڃن.