ڪراچي: ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن لاءِ 30 هزار خانگي سيڪيورٽي گارڊن جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو، ناڻي کاتي جي اختيارين آءِ جي سنڌ کي خانگي سيڪيورٽي گارڊن جي 2 ڏينهن جي ڊيوٽي لاءِ 30 لک رپيا پڻ  جاري ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ فول پروف سيڪيورٽي  لاءِ مقرر ٿيندڙ خانگي سيڪيورٽي گارڊ لاڳاپيل ضلعي جي ايس ايس پي جي ماتحت سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا، سندن خدمتون رڳو ٻن ڏينهن تائين ورتيون وينديون.