لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ پنهنجي 5 باغي اڳواڻن کي ضمير فروش قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. جڏهن ته ن ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته باقي ٻن ميمبرن کي شامل ڇو نه ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئٽر هينڊل تان ٽوئيٽ ڪئي وئي ته قوم هنن ضمير فروشن جا چهرا ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. لوٽن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. انهن ۾ مظفر ڳڙهه جو خرم لغاري، سرگوڌا جو فيصل فاروق چيمه، خاص سيٽ تان چونڊيل مومنه وحيد، راجن پور مان دوست محمد مزاري ۽ رحيم خان مان چوڌري مسعود شامل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته 5 نوان لوٽا آهن انهن سياسي طوائفن کان ملڪ جي سياست کي پاڪ ڪرڻ عوام جي ذميواري آهي. انهن جون تصويرون چوڌري غلام حسين ۽ ٻين صحافين به شيئر ڪيون. جواب ۾ ن ليگ جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ چيو ته باقي ٻه جيڪي ڳڻپ ۾ پورا ڪيا ويا آهن انهن جون تصويرون نه لڳايون آهن؟ انهن جون به لڳايو ها جن جا جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا. نمبر ته ڪنهن به صورت ۾ پورا نه هئا ۽ منهنجو 188 ميمبر وارو چيلنج برقرار آهي.