لاهور/اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي زال حبا فواد چيو آهي ته مڙس کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي، ايترو وقت ٿي ويو، اڃا تائين اهو به نٿو ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ڏوهه تحت گرفتاري ڪئي آهي، حبا فواد شيرين مزاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 10 کان 12 پوليس وارا گهر ۾ داخل ٿيا، وارنٽ ڏيکارڻ بغير مڙس کي کنڀي کڻي ويا، ان موقعي تي شيرين مزاري چيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، فواد چوڌري خلاف ڪيس سياسي انتقام آهي، پي ٽي آءِ خاموش نه رهندي.