اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي  اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ فجر مهل اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو،  پوليس فواد چوڌري کي لاهور جي علائقي ٺوڪر نياز بيگ مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب هڪ وئيٽ ذريعي ٻه وڊيوز شيئر ڪيون جنهن ٻڌايو ته فواد چوڌري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ سيڪريٽري الڪيشن ڪميشن جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن موجب فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز کي فرضن جي ادائيگي کان روڪڻ لاءِ ڊيڄاريو ڌمڪايو آهي. جڊيشل مجسٽريٽ پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي کيس اسلام آباد جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جوحڪم ڏنو. اسلام آباد پوليس فواد چوڌري کي لاهور جي مقامي عدالت ۾ جڊيشل مجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ۽ کيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ جي درخواست ڪئي.عدالت رمانڊ منظور ڪندي کيس اسلام آباد جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري جي آزادي بابت درخواست تي جسٽس طارق سليم شيخ ٻڌڻي ڪئي. فواد جي وڪيل گرفتاري غيرقانوني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي؟ “لاهور هاءِ ڪورٽ شام 6 وڳي اسلام آباد ۽ لاهور جي آءِ جيز کي طلب ڪري ورتو، جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته سڀني سان رابطو ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ اڳواڻ پنجاب پوليس وٽ نه آهي، جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته ڇا آءِ جي پنجاب کي گهرايون؟ وڪيل چيو ته آءِ جي پنجاب به هتي ناهي، عدالت آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد کي شام 6 وڳي طلب ڪندي وڪيل کي چيو ته پهرين فواد چوڌري کي پيش ڪريو، پوءِ ئي اوهان کي ٻڌندس، بعد ۾ آءِ جي پنجاب پيش ٿيو ۽ گرفتاري بابت آگاهه ڪيو، آءِ جي پنجاب عدالت جي روبرو فواد چوڌري جي گرفتاري بابت واٽس ايپ رڪارڊ جمع ڪرايو. آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته پتو پيو آهي ته فواد چوڌري اسلام آباد پوليس وٽ آهي، پنجاب پوليس جي تحويل ۾ ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جي گرفتاري غيرقانوني ڏيڻ کان انڪار ڪندي آزادي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. هوڏانهن فواد چوڌري کي منهن تي اڇو ڪپڙو ويڙهي اسلام آباد پهچايو ويو ۽ اسلام آباد ۾ ڊيوٽي مئجسٽريٽ نويد خان جي عدالت ۾ فواد چوڌري کي پيش ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته فواد چوڌري پنهنجي تقرير ۾ عوام کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، فواد چوڌري جي تقرير صرف بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ نه پر اليڪشن ڪميشن جي ملازمن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ به هئي، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي جڏهن کان حڪومت تبديل ٿي آهي پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي نشانو بڻائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن کي پرائيويٽ ماڻهن پاران ڌمڪي وارا خط لکيا پيا وڃن. فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي حالت منشي جهڙي آهي جنهن تي فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حالت منشي جهڙي ئي آهي. جاچ آفيسر فواد چوڌري جي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو ۽ فواد چوڌري جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي 27 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.