لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فواد چوڌري جو ڏوهه ٻڌايو وڃي، جيل ۽ موت کان نٿو ڊڄان، آخري ساهه تائين وڙهندس. لاهور ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کي منشي ڇا چيو کيس گرفتار ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته فواد چوڌري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، قوم کي چئي رهيو آهيان ته توهان جو مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي، الله کانپوءِ هن ملڪ جا وارث توهان آهيو. هن چيو ته ظلم ۽ ناانصافي خلاف بيهڻ جهاد آهي، منهنجو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيل کان نٿو ڊڄان، توهان کي به نه ڊڄڻ گهرجي، گهڻن کي جيل ۾ وجهندا؟ موت ويجهو کان ڏٺو آهي، مون کي ڪا ڳڻتي ناهي، جڏهن موت لکيل هوندو ملندو. سندس چوڻ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته انهن چونڊي اسان جي مخالف کي نگران وڏو وزير مقرر ڇو ڪيو، اسان جا نالا ڇو رد ڪيا ويا، اسان نيوٽرل امپائر رکڻ جي ڪوشش ڪئي، محسن نقوي جو اسان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪردار هو، مقرري سان واضح ٿي ويو ته چونڊون ڪرائڻ جو ڪو ارادو ناهي. عمران خان چيو  ته فواد چوڌري جي گرفتاري بعد ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، 22 ڪروڙ عوام تحريڪ انصاف سان گڏ آهي، امپورٽيڊ حڪومت مونکي گرفتار نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته  عوام خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي. ظلم ۽ ناانصافي جي سامهون بيهڻ جهاد آهي، اهو اسان تي فرض آهي. هن چيو ته عدليا مان اميد آهي ته اسان جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي، عدليا ائين نه ڪيو ته ياد رکو ته جسٽس منير جيان ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ججز صاحبان قوم کي اميد آهي ته توهان اسان جي حقن جي حفاظت ڪندا. مشرف جي مارشل لا ۾ به ايترو ظلم ۽ فاشزم نه ڏٺي. افسوس ته عدليا اسان جي بنيادي حقن جي حفاظت نه ڪئي ڪري ها ته 25 مئي وارا آفيسر وري مقرر نه ڪيا وڃن ها.اسان وٽ عدليا وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي، ٻيو رستو رستن تي نڪرڻ جو آهي. هن چيو ته نقوي حڪومت ايندي ئي مون تي حملي جي جي آءِ ٽي بند ڪري ڇڏي. جي آءِ ٽي رپورٽ ڏني ته ڊي پي او پنهنجو موبائل فون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ان جي پويان ڪير هو جنهن کي خوف هو ته سچ ٻاهر اچي نه سگهي. نويد جي وڊيو بيان وقت سي ٽي ڊي آفيس ۾ چار کان پنج نامعلوم ماڻهو ويٺل هئا. چئن جي آءِ ٽيِ ميمبرن پنهنجي رپورٽ تبديل ڪئي. عدالت ۾ جمع ڪرايل ميمبرن رپورٽ تبديل ڪئي. پراسيڪوٽر به تصديق ڪئي ته ميمبرن غلط رپورٽ تبديل ڪئي ۽ انهن تي ڪرمنل ڪارروائي ڪئي وڃي.  سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر کي تبديل ڪري ڇڏيو. جاچ ڪندڙ سيد انور شاهه کي معطل ڪري ڇڏيو. اهو سڀ کان بهتر ڪم ڪري هرهيو آهي. ان مان ثابت ٿي ويو ته ان حملي ۾ طاقتور ماڻهن جي ملوث هجڻ جو شڪ ختم ٿي ويو. ملوث ناهن ته جي آءِ ٽي کي ڇو سبوتاز ڪيو ويو.  هن چيو ته صاف شفاف چونڊن کان سواءِ استحڪام نه ايندو.