ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) توھين اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي  زباني حڪم جاري ڪرڻ واري استدعا رد، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن نوٽيس جاري نٿي ڪري سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيل آهي، اھو ڏيکاريو، جنهن تي اسد عمر جي وڪيل انور منصور سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي جمع ڪرائي ڇڏي، انور منصور عدالت کي  ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اسان خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، خدشو آهي ته اليڪشن ڪميشن فرد جرم لاڳو ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏيندي،  چيف جسٽس چيو ته توهان چئو ٿا ته اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي ان ڪري توھين اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس جاري نٿو ڪري سگهجي؟  وڪيل انور منصور چيو ته جي مان آئين جي آرٽيڪل 204 تي ڀروسو ڪريان ٿو جيڪو توهين عدالت کي سمجهڻ لاءِ واضح آهي، عدالتون ته ماتحت عدالتون به آهن پر توهين عدالت جو اختيار صرف سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ وٽ آهي، جنهن تي جسٽس يوسف علي سعيد اسد عمر جي وڪيل کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري ادارو يا ڪو ماڻهو حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري ته عدالت کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ماتحت عدالت کي توهين عدالت جي ڪارروائي جو اختيار ناهي، ماتحت عدالت هاءِ ڪورٽ کي ٽرانسفر ڪري سگھي ٿي، عدالتي نظرثاني جو اختيار صرف هاءِ ڪورٽ آھي، اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 جو سيڪشن 10 غير آئيني آهي، عدالت چيو ته ڇا توهان هن قانون کي چئلينج ڪيو آهي؟ انور منصور چيو ته اسان سيڪشن 10 کي چئلينج ڪيو آهي، اها شق آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، اليڪشن ڪميشن کي عدالت جا اختيار نٿا ڏئي سگهجن، اهو آئين جي روح جي خلاف آهي، ايندڙ ٻڌڻي تائين اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي، عدالت  درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.