مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ رمضان دوران شين جي اگھن تي ڪنٽرول لاءِ تياريون ڪندي سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي رمضان المبارڪ ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ، عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ بچت بازارون قائم ڪرڻ، مارڪيٽ ڪميٽي پاران اٽي، کنڊ، کاڄرو تيل، گيهه، چانور، دالين، ميون، ڀاڄي، ڪڪڙجي گوشت، مڇي ۽ ننڍي توڙي وڏي گوشت جا اگهه روزانو جاري ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ضلعي انتظاميه جي اولين ذمه داري کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي ان حوالي سان انتظاميه مهنگائي ڪندڙن خلاف سخت کان سخت ايڪشن کڻڻ کان نه ڪيٻائيندي. ڊپٽي ڪمشنر سڀني آفيسرز تي واضح ڪيو ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، سرڪاري ريٽ لسٽ جي خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ مڙهڻ سان گڏ ضرورت پوڻ تي دڪانن کي سيل به ڪيو وڃي. هن قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ مربوط رابطي لاءِ واٽس اپ گروپ قائم ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جي ترت حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڏني. ڊپٽي ڪمشنر سيڪريٽريٽ مٽياري ۾ رمضان المبارڪ جي تيارين جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر پوليس انتظاميه کي سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪرڻ ۽ بلدياتي ادارن کي شهرن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بنائڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون. هن سرندي وارن تي زور ڀريو ته اهي ڀلاري مهيني دوران وڌ ۾ وڌ غريب ماڻهن جي مدد پڻ ڪن.