فواد چوڌري جي فيصل چوڌري سان ججز بابت ڳالهه ٻولهه واري مبينا آڊيو ليڪ

0
149

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي پنهنجي ڀاءُ فيصل چوڌري سان ججز بابت ڳالهه ٻولهه واري مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي

آڊيو ۾ فواد چوڌري مبينا طور پنهنجي  ڀاءُ کي ٻن ججز سان رابطن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي

فواد چوڌري آڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ وڌيڪ جعلي آڊيو منهنجي نالي سان مارڪيٽ ۾ اڇلائي  وئي آهي

پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته هن آڊيو جو مون سان ڪو به  تعلق نه آهي، چيف جسٽس لاهور سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي آهي، نه وري مون هن کي جسٽس  مظاهر جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي

هي به پڙهندا

غيرملڪي ايجنسي پيشي تي عمران خان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي: بابر اعواڻ