ميرپورخاص (بيورورپورٽ) موسم بھار جي آمد جي موقعي تي ضلعي انتظاميا پاران شھيد بينظير ڀٽو پارڪ ۾ 65 ھين ٽن ڏينهن واري گلن جي نمائش لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ڪمشنر سيد اعجاز شاهه، ايس ايس پي چوڌري اسد علي، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ڪيو، ڄاڻايل عملدارن بعد ۾ نمائش ۾ رکيل مختلف گلن جي اسٽالن جو دورو ڪيو، نمائش ۾ ميرپورخاص شگر مل، ضلعي انتظاميا، زراعت کاتي، ڀٽائي ڊينٽل ڪاليج سميت ٻين پاران 10 کان وڌيڪ گلن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جتي 200 کان وڌيڪ مختلف گلن جون جنسون رکيون ويون آهن، جنهن ۾ مختلف رنگن جي گلاب جا گل، چنبيلي، گينڊو، موتيو، رات جي راڻي ۽ ٻيا شامل آھن، ان کان سواءِ نمائش ۾ مختلف کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آھن، شھرين سميت اسڪولن جا شاگرد وڏي تعداد ۾ گلن جي نمائش ۾ پھچي لطف اندوز ٿي رهيا آهن، تقريب کي  خطاب ڪندي ڪمشنر ۽ ڊي سي چيو ته گل قدرت جو انمول تحفو آهن، رنگ ۽ خوشبو سان تازگي جو احساس ٿئي ٿو، تازگي سان انسان ۾ توانائي پئدا ٿئي ٿي ۽ توانائيءَ سان ماڻھن ۾ بھترين ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پئدا ٿئي ٿي، اھڙين نمائشن سان عوام کي تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ سميت گلن ۽ وڻن جي انساني زندگيءَ ۾ اھميت بابت ڄاڻ ملي ٿي.