اوڏيرولال (ن پ ا) يوسي محمد حسين هڱورو ۾ پ پ اميدوار 4610 ووٽ کڻي ڪامياب ۽ آزاد اميدوار  735 ووٽ کڻي هارائي ويو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار مخدوم احمد الزمان 4610 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته آزاد اميدوار سعيد احمد جدگال 735 ووٽ کڻي هارائي ويو، يوسي ۾ 8 اميدوران اليڪشن ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا جنهن مان 6 اميدوارن پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کنيو جنهن بعد آزاد اميدوار سعيد احمد جدگال ۽  پ پ اميدوار مخدوم احمد الزمان ۾ مقابلو ٿيو.