جوهي/ قصبو (نمائندن وٽان) يونين ڪائونسل پٽ گل محمد ۾ چيئرمين سيٽ تي چونڊون پي ٽي آءِ اميدوار غيرسرڪاري غير حتمي نتيجي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. ست پولنگ اسٽيشن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار شاهد لغاري غير حتمي نتيجن موجب 1762 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏھن ته پيپلزپارٽي اميدوار اسلم لغاري 1614 ووٽ کڻي هارائي ويو، غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ  148 تي ليڊ سان حاصل ڪري ورتي، هوڏانهن ڪوريج لاءِ پهتل هيرو خان ليڊيز پولنگ اسٽيشن ۾ پيپلزپارٽي اميدوار اسلم خان لغاري طرفان ڪوريج لاءِ پهتل پنهنجي اخبار جوهي جي رپورٽر منصور گاڏھي، نجي ٽي وي جي رپورٽر عباس گاڏھي ۽ ٻين  کي ڪوريج کان روڪيو ويو زبردستي ڪيمرا بند ڪرايون ويون، پوليس جي موجودگي ۾ صحافين کي ڌڪا ڏئي پولنگ اسٽيشن مان ڪڍيو ويو، اهڙي عمل بعد جوهي تعلقي جي صحافين ۾ تاءُ پکڙجي ويو