ڪراچي (رپورٽ : نظير ميمڻ)   ڪراچي جي 11 يوسيز ۽ 15 وارڊن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ 7 ۽ جماعت اسلامي 4 سيٽون کڻي ڪامياب،  پي ٽي آءِ کي جهٽڪو، جماعت اسلامي پاران 8 سيٽون کٽڻ جي دعويٰ، ان حوالي سان غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڪراچي ۾ 11 يوسيز ۽ 15 وارڊن  تي مڪاني چونڊ جو عمل مڪمل ٿي گذريو، ووٽن جي ڳڻپ بعد پيپلز پارٽي ۽ جماعت 3،3 وارڊن تي ڪاميابي حاصل ڪئي ڪورنگي جي ماڊل ڪالوني يوسي 8 وارڊ 4 ۾ جماعت اسلامي جو اميدوار 773 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. شاھھ فيصل جي يوسي 02 تي بھ جماعت اسلامي جي اميدوار کي ڪامياب نصيب ٿي، اورنگي ٽائون ۾ يوسي 2 تي بھ جماعت اسلامي جو اميدوار سڀني کان اڳيان رھيو، ھوڏانھن يوسي 9 لائيز ايريا مان پي ٽي آءِ اميدوار عابد علي 550 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏھن تھ گلشن اقبال ٽائون جي يوسي 7 تي پي ٽي آءِ اميدوار ڪاميابي ماڻي، ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي پاران 8 سيٽن تي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، هوڏانهن ملير جي ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي نمبر 5 مظفرآباد جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪائونسلر جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اميدوار هدايت الله 675 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته  پي ٽي آءِ اميدوار سيد طاهر شاهه 439 ووٽ کنيا، ڪورنگي جي يوسي 2 تان  پ پ جو پورو پينل 2682 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ڪراچي ڏکڻ  جي يوسي 2 لياري تان پ پ  جو پينل 3245 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، لانڍي مان وري  جماعت اسلامي کي سوڀ ملي،  جناح ٽائون جي يوسي 9 جي وارڊ هڪ تان پي ٽي آءِ جو عابد علي ڪامياب ٿيو، سينٽرل ضلعي جي يوسي 6 نيو ڪراچي تان جماعت اسلامي جي فيصل نسيم 2500 ووٽن سان سوڀ ماڻي، بلديه ٽائون جي يوسي 9 تان پ پ جو فرحان قادري ڪامياب ٿي ويو، ڪياماڙي جي وارڊ 6  تي پ پ ۽ نواز ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿيا، رات دير سان پريس ڪنفرنس ڪندي  صوبائي وزير سعيد غني چيو ته  ڪراچي ۾ پ پ وڏي جماعت ٿي اڀري آهي، ميئر اسان جو ٿيندو، هن چيو ته جماعت اسلامي  ۽ پي ٽي آءِ سڄو ڏينهن واويلا ڪنديون رهيون، اسان جون 104 سيٽون آهن ميئر پ پ جو ٿيندو هوڏنهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ جا سمورا ميئر ۽ ضلعي چيئرمين پ پ جا ٿيندا.