مٽياري  (رپورٽر) مٽياري جي پبلڪ ھيلٿ انجنئرينگ کاتي ۾ آر او پلانٽ جي مد ۾ 24 ڪروڙ رپين کان مٿي جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ ذريعن موجب پبلڪ ھيلٿ انجنئرينگ ڊپارٽمينٽ مٽياري پاران يو اِي پي جي سهڪار سان ٺھندڙ 43  آر او پلانٽ مان رڪارڊ موجب 41 آر او پلانٽ ٺھرايا ويا آهن، جن تي ڪجھه لکن جو ڪم ڪرائي من پسند ٺيڪيدارن جا نالا ڏئي ايڪس اين اي پبلڪ ھيلٿ انجنئرينگ  ۽ ٻين جي ملي ڀڳت سان ڪوڙا بل ٺاھي ان جي مد ۾ 24 ڪروڙ کان مٿي جي رقم ڪڍرائي وئي آھي، جڏھن ته41 آر او پلانٽ جيڪي 32 تعلقي مٽياري ۽ 9 تعلقي ھالا ۾ ٺھيل ڏيکاريا ويا آھن، جن مان صرف ھڪ آر او پلانٽ درگاھ محمد شاھ جو ھلي رھيو آھي، باقي 40 آر او پلانٽ جن جون رقمون تازو آگسٽ 2022 ۾ مڪمل ڏيکاري سڀ ڪڍرائي ڇڏيون آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاموٽ محلي، مختيارڪار آفيس مٽياري، ڳوٺ سونو خان خشڪ، نور شاھ ڪالوني، ميمڻ جي وسي، صاحب سمان، ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٽياري، ڳوٺ سومر چنڊ، ڳوٺ بچو ڳھيلا، شيخ ٽئير، ڳوٽ ڪوٽ سھيل اڪبر شاھ ۽ ٻين ھنڌ لڳل آر او پلانٽ نه ھلي سگھيا آهن، آر او پلانٽ ۾ لڳل سامان استعمال کان اڳ ناڪارا ٿيڻ لڳو آهي، تازين برساتن سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جي باوجود آر او پلانٽ نه ھلي سگھيا آهن، جيڪي ڪرپشن جي ور چڙھي ويا آهن، ان معاملي تي  رھواسين جو چوڻ ھو ته آر او پلانٽ تي صرف ڪجھ لکن جا ڪم ڏيکاري پبلڪ ھيلٿ وارن ڪروڙين روپيا ڪڍرايا آھن ۽ اتي رکيل ملازمين جو چوڻ ھو ته اسان کي آر او پلانٽ ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين پگھارون نه ڏنيون ويون آھن، شهرين جو چوڻ آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرايو وڃي.